سنڌوءَ جا گيت

سنڌوءَ جا گيت

سنڌوءَ جا گيت

سنڌوءَ جا گيت (ڪتاب): هي سنڌي لوڪ گيتن جي تحقيقي جائزي بابت ڪتاب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي پي. ايڇ. ڊيءَ جي تحقيقي مقالي تي مشتمل آهي. هن ڊاڪٽر فهميده حسين جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي هئي. سندس پي. ايڇ. ڊيءَ جي هيءَ تحقيق ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ، سال 2008ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي.
هن ڪتاب ۾ ليکڪ، لوڪ ادب جي وصف ۽ ارتقا ڏيڻ کانپوءِ سنڌي لوڪ ادب جي نثري ۽ شعري صنفن تي روشني وڌي آهي. ان کانپوءِ لوڪ گيت، ان جي تاريخ، لوڪ گيتن جي زبان، لوڪ گيتن ۾ لوڪ داستانن جي ذڪر ۽ لوڪ گيتن ۾ وڄائجندڙ سازن جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن بعد هن سنڌي لوڪ گيتن جون مختلف صنفون ڏيڻ کانپوءِ ناٽڪي لوڪ گيت، ڳيچ، سهرا، ٻار ڄمڻ جي رسمن، ٻاراڻا ٻولن، ٻاراڻين راندين، مينديءَ بابت رسمن ۽ لاڏن، شاديءَ جي رسمن ۽ لاڏن جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هن مهاڻن ۽ مڇيءَ بابت لوڪ گيت، پيرن ۽ فقيرن بابت لوڪ گيت به ڏنا آهن. لوڪ مذهبي شاعريءَ ۾ مولود، مناقبن، مناجات، معجزي، سماع، ڌمال جي ذڪر ڏيڻ کانپوءِ ٿري لوڪ گيتن، سرائيڪي لوڪ گيتن، ڪوهستاني لوڪ گيتن تي تفصيلي بحث ڪيو آهي ۽ لوڪ گيت ڳائيندڙ مردن ۽ عورتن جو تفصيل به ڏنو آهي. آخر ۾ هن جديد شاعرن جي لوڪ گيتن تي پڻ بحث ڪيو آهي.
هي ڊيمي سائيز جي 457 صفحن تي مشتمل پڪي جلد وارو ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو